سنکا هولي

سنکا هولي

سنکا هولي

سنکا هولي (Convolulue Microphyllus/ Concscore decussata): هن ٻوٽي کي سنسڪرت ۾ شنکا پشپيڪان چيو وڃي ٿو. هي ٻوٽو گهڻو ڪري سيلابي زمينن ۾ ٿيندو آهي. هي 330 ملي ميٽر ڊيگهه تائين پکڙيل هوندو آهي. هن جا پن سنهڙا ۽ ڊگها ٿيندا آهن ۽ هن جي پنن مان موريءَ جي خوشبوءِ ايندي رهندي آهي. هي ٻوٽو سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن سان گڏ بنگلاديش، آمريڪا، چين ۽ ٻين ملڪن ۾ به ٿئي ٿو. هن ٻوٽي کي گهوٽي پيئڻ سان دماغ کي قوت حاصل ٿئي ٿي ۽ جسم جي ٻين ڪمزورين ۾ به طاقت ملي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو